ڊاڪٽرعشرت حسين

ڊاڪٽرعشرت حسين

عشرت حسين ڊاڪٽر

عشرت حسين، ڊاڪٽر: پاڪستان جي معاشيات جي ماهر، بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين، 17 جون 1941ع تي الله آباد، گڏيل هندستان ۾ جنم ورتو. 1947ع ۾ ورهاڱي بعد پنهنجي خاندان سميت لڏپلاڻ ڪري حيدرآباد، سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. 1964ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1973ع ڌاري وليمز ڪاليج مان ڊيولپمينٽ اڪنامڪس ۾ ايم اي جي ڊگري ۽ 1978ع ۾ بوسٽن يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. عملي حوالي سان 1979ع ۾ ورلڊ بئنڪ ۾ شموليت اختيار ڪيائين، جتي ابتدائي طور لبيريا (Liberia) جو ملڪي معاشي نمائندو مقرر ٿيو. 1994ع ۾ کيس، ايشيا پيسيفڪ ريجن جو چيف اڪنامسٽ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 1997ع کان 1999ع جي وچ ڌاري وچ ايشيا ۾ هلندڙ ورلڊ بئنڪ جي سرگرمين/آپريشن جي سربراهي ڪيائين. 1995ع ۾ ورلڊ بئنڪ جي ملازمت کي خيرباد چئي نواز شريف ۽ شوڪت عزيز جي وزارت عظميٰ دوران اسٽيٽ بئنڪ، پاڪستان جو گورنر مقرر ٿيو، جنهن عهدي تي ڊسمبر 2006ع تائين فائز رهيو. 2008ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (IBA) ڪراچيءَ جو ڊين مقرر ٿيو، جتان 2016ع ۾ استعيفا ڏنائين ۽ هن وقت اعزازي پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان کانسواءِ ورلڊ بئنڪ ۾ ملازمت دوران جن اهم عهدن تي فائز رهيو، انهن ۾: سينٽرل ايشين ريپبلڪس جو ڊائريڪٽر، غربت ۽ سماجي پاليسين جو ڊائريڪٽر، ورلڊ بئنڪ جي پبلڪ سيڪٽر گروپ جو چـيـئرپرسن، چيـف آف دي ڊيـبـٽ اينڊ انٽرنيـشـنل فنانـس ڊويـزن، چيف اڪنامسٽ فار آفريڪا، نائيجيريا ۾ مقيم نمائندو، چيئرمين سائوٿ ايشين نيٽ ورڪ آف اڪنامڪ ريسرچ انسٽيٽيوشنز (SANEI)، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، HEC جو امتيازي قومي پروفيسر چيئرمين، ڪشف فائونڊيشن جي بورڊ آف ٽرسيٽز جو ميمبر، آغا خان يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (NSPP) جو ميمبر، انٽرنيشنل سينٽر فار ايڊيوڪيش اِن اسلامڪ فنانس (INCIEF) ملائيشيا جو گورننگ ڪائونسل، نِيپا (نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميـمبـر، مـحبوب الـحـق سيـنٽـر فار هـيومـن ڊيـولپمينٽ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (PIDE) جو ميمبر سينيٽ، سوشل پاليسي ڊيولپمينٽ سينٽر SPDC)) جو وزيٽنگ فيلو ۽ ووڊرو ولسن (Woodrow Wilson) سينٽر جي صلاحڪاري ڪائونسل جو ميمبر شامل آهن. کيس 2003ع ۾ صدارتي اوارڊ، هلال امتياز، جناح اوارڊ 2005ع ۾، دي بينڪر مئگزين طرفان سينٽرل بئنڪ گورنر آف دي ايئر جو ايشيا اوارڊ (2005ع)، ايشين بينڪر لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2006ع) ۽ ٻيون ڀيرو صدارتي ا وارڊ ’نشان امتياز‘ (2015ع) سان نوازيو ويو. ملڪي معيشت، غربت، سماجيات ۽ تعليم تي سندس ڪيترائي عالماڻا مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ڇپجندا رهن ٿا. سندس مقالن تي هڪ ڪتاب : Pakistan The Economy of an Elitist State پڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.06.17  عيسوي

پاڪستان جي معاشيات جي ماهر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين، 17 جون 1941ع تي الله آباد، گڏيل هندستان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيسرعبدالله خان
بحر وڇاڻي
ڌڻيءَ پرتو سميجو
ٻلديو نندلال ڪالرو
جمعو فقير جوڙ
غلام عباس ڀنڀرو
حسين بخش سخيراڻي
ڀورو مل ڪولهي وڪيل
ٺٽوي امين الدين خان حسين
ڀوپو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون